سيد قادر ڏنو شاهه

سيد قادر ڏنو شاهه: مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته ميان اسـحـاق سڪريه جي مريدن مان هو. سندس شـانـدار ڪرامـتـون ڏسـي ميان غلام شاهه ڪلهوڙو سندس مقتعد ٿيو. سيد قادر ڏني شاهه جي قبر پراڻي درياهه جي ڍوري جي ڀرسان نئين گونيءَ کان اڀرندي پاسي ڳوٺ حاجي چاڪر مهيريءَ لڳ آهي، جنهن تي هر سال چانيري، شادي لارج ۽ ڪلوئي شهر جا عمراڻي ميلو لڳائيندا آهن. نئين گونيءَ کان الهندي پاسي ديهه دبيءَ ۾ بزرگ جي رهڻ جو آستانو هو، جنهن کي ’پنجھور‘ چوندا آهن. سيد قادر ڏني شاهه جي خليفن مان هڪ هوت فقير عمراڻي هو، جنهن جي قبر ڳوٺ چانيري تعلقي بدين ۾ آهي، جنهن تي شوال مهيني جي 26 ۽ 27 تاريخ تي وڏو ميلو لڳندو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، قادرڏني شاهه متعلق لکي ٿو ته، ڪڙيي گھنور ڀرسان آڳڙي جو ويٺل اهل دل درويش هو، عمراڻي بلوچ سندس مريد هئا ۽ سندس سهاري سنڌ ۾ آيا. سندس هيٺيون بيت معنى وارو آهي:
سج سهائو نه ڪري، واءُ نه وڃي جت،
قريبن ڪارڻ تت، اسان جھر ڀڃي جھرڪيون ڪيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو